بيجنگ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) بيجنگ ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحن جي تقريب ٿي، تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ٺٽو سيمينٽ ڪمپني ۽ چائنا جي ڪنگ گونگ ڪنسٽرڪشن گروپ وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون. يادداشتنامي تحت پاڪستان ۾ سيمينٽ جي پيداوار کي روزانو 5 هزار ٽن وڌائڻ لاءِ پروڊڪشن لائين لڳائي ويندي. سنڌ جي توانائي کاتي ۽ چين جي منگ يانگ انرجي ڪمپني وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. ايم او يو تحت پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي مختلف منصوبن تي سهڪار ڪيو ويندو.تقريب ۾ سنڌ حڪومت ۽ هڪ چيني ڪمپني وچ ۾ ڪول گئسيفڪيشن ۽ يوريا پروڊڪشن پلانٽ منصوبي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.