بيجنگ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري جي بيجنگ ۾ چيني وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات، پاڪ – چين لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ، ٻنهي اڳواڻن پاران پاڪ – چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار، ملاقات ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، انفرا اسٽرڪچر ۽ زرعي شعبن کي هٿي وٺرائڻ تي ويچاريو ويو، آصف علي زرداري چيو ته ترقياتي ايجنڊا لاءِ چين جي حمايت تي سندن ٿورائتا آهن، علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سي پيڪ منصوبو اهميت جوڳو آهي، بيجنگ ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاهدن تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب، مختلف مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.