بيجنگ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي بيجنگ ۾ چيني هم منصب سان ملاقات، انٽيليجنس شيئرنگ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق، ملاقات دوران پيرا ملٽري فورسز لاءِ بارڊر کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي، پوليس لاءِ جديد اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي چين مان حاصل ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ، بيجنگ پوليس ۽ اسلام آباد ۾ سهڪار وڌائڻ جو فيصلو، محسن نقوي جو چوڻ آهي ته چين مان پوليس لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزار ملندا.