ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، ڪراچي ۾ صوبائي وزير سردار شاهه ۽ ميئر مرتضيٰ وهاب جي اڳواڻيءَ ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، دادو، بدين، خيرپور، عمرڪوٽ، ڪنڊيارو، روهڙي، ٺل ۾ ريليون ڪڍيون ويون، ڀريا سٽي، چيلهار، جوهي، ڄام صاحب، قاضي احمد، ڪوٽڙي، اوٻاوڙي ۾ ريليون، اسڪولن ۾ تقريبون منعقد، ريلين ۾ سرڪاري ملازمن سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي شرڪت، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت جاري رکندو ۽ ڀارتي ظلمن کي هر فورم تي وائکو ڪندو رهندو.