پنوعاقل (ويب ڊيسڪ) پنوعاقل لڳ ڪلهوڙا- مهر تڪرار تان راڪيٽ فائر ٿيڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي ۽ ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن، نرڇ ڳوٺ تي هٿياربندن ڪاهه ڪري راڪيٽ لانچر جا فائر ڪيا، ڪلهوڙا برادري جي جوابي فائرنگ بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، هٿياربندن جي ڪاهه دوران ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، ڌرين ڇڪتاڻ سبب مورچا قائم ڪري ورتا، ٻنهي جھيڙيندڙ ڌرين ۾ رتوڇاڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.