اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ وچ ۾ هڪ ڏهائي 61 ارب ڊالر جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيل معاهدن موجب ڊيولپمينٽ فنڊ تيل جي درآمد تي هڪ سال لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي دير واري ادائيگي جي سهولت ڏيندو، مفاهمتي يادداشتن جي صحيحي واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ سعودي سفير به موجود هئا.