راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي خط لکي ڇڏيو، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني جي وڪيل فيصل چوڌري ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني اڳوڻي وزيراعظم ۽ پارٽي سربراهه طور آرمي چيف کي 6 نقطن تي ٻڌل خط اماڻيو آهي.