اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريديءَ ججن جي بدلين کي آئين جي تحت سٺو قدم قرار ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ايسوسي ايشن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلين تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو، اسلام آباد وفاق جي علامت آهي، اسان کي اسڪول موڪليو ويندو آهي ته جيئن توهان جينٽل مين بڻجي اچو. جسٽس يحيٰ آفريديءَ چيو ته مان ججن جي بدلين تي ڇو راضي ٿيس، جو ججن جون بدليون آئين تحت ٿيون، هڪ بلوچي ڳالهائڻ وارو جج آيو ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارو هڪ جج آيو، وفاق پوري ملڪ جو آهي، آرٽيڪل 200 جي تحت سٺو قدم آهي، وڌيڪ جج به ٻين صوبن مان اچڻ گھرجن. ججن جي وچ ۾ ٿيندڙ کٽڪن بابت سوال جي جواب ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ڪوشش به ڪري رهيو آهيان ۽ وڌيڪ به ڪندس، سمورن ججن ۾ گپ شپ لڳرائيندس، مان چيف جسٽس آف پاڪستان آهيان، هاءِ ڪورٽ جي ججن وٽ به گپ شپ لڳائڻ ويندس، وقت لڳندو، سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي ويندو. جسٽس يحيٰ آفريديءَ جو چوڻ هو ته ٽرانسفر ۽ سينارٽي جي مسئلي کي الڳ الڳ ڏسندس، بدلين جو معاملو خوشيءَ جي ڳالهه آهي.