تازہ ترین

جگر جي عام ترين مرض جي تيزيءَ سان ڦهلجڻ جا اهم سبب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماضيءَ ۾ جگر تي چرٻي چڙهڻ جو عارضو پوڙهن يا وچين عمر جي ماڻهن ۾ گھڻو نظر ايندو هو پر هاڻ اڄ ڪلهه جي جوانن ۾ به اهو عارضو عام ٿيندو پيو وڃي. جي ها جوان ماڻهن جي انگ ۾ به جگر جي هِن عام ترين عارضيءَ ۾ ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته جگر تي چرٻي چڙهڻ جو مرض هڪ ڊگھي عرصي وارو عارضو آهي جنهن کي سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو منهن ڏئي رهيا آهن. هِن بيماريءَ دوران جگر تمام گھڻي مقدار ۾ چرٻي ذخيرو ڪرڻ لڳندو آهي ۽ ان جو علاج نه ٿئي ته جگر ڄمڻ لڳندو آهي. جگر جي هن بيماريءَ جي نتيجي ۾ ميٽابولڪ مرض جھڙوڪ شوگر ۽ ٿولهه جو خطرو وڌي ويندو آهي. عام طور هن بيماريءَ جي لاءِ نان الڪوهلڪ فيٽي ليور ڊزيزز جو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ هي جگر جي مرضن ۾ عام ترين قسم آهي. اڪثر مريضن ۾ شروعاتي مرحلن ۾ ان جون ڪي به علامتون نظر ناهن اينديون ۽ مرض جو علاج نه ٿئي ته جگر جي ڪينسر ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويندو آهي. هاڻ ان جي تيزيءَ سان عام ٿيڻ جو هڪ اهم سبب سامهون آيو آهي ۽ اهو آهي ٽريفڪ مان خارج ٿيندڙ دونهون يا آلودگي. سڊني يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊگھي مدي جي بنياد تي خارج ٿيندڙ هوائي آلودگيءَ سان منهن ڏيڻ سان جگر کي نقصان پهچندو آهي جڏهن ته جگر تي چرٻي چڙهڻ جو عارضو به وڌي ويندو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.