تازہ ترین

جوتن ۾ مهارت سان آئس ۽ منشيات لِڪائي اسمگل ڪندڙ عورت ۽ جوابدار گرفتار

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) جي عملي پشاور ۽ آسلام آباد ايئرپورٽ تي 3 مختلف ڪاررواين ۾ عورت سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪري ورتي. عملدارن موجب اي ايس ايف عملي هڪ ڏينهن ۾ ٻِن ايئرپورٽن تي 3 ڪارروايون ڪيون ۽ عملي پشاور کان دبئي جي مسافر ڪامران خان جي جوتن مان جھڙتيءَ دوران 455 گرام چرس برآمد ڪيو، ان نوعيت جي ٻي ڪارروائي اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪئي وئي جتي عملي اسلام آباد کان بحرين جي اڏام جي مسافر عورت جي جوتن ۾ منشيات جي موجودگيءَ جي نشاندهي ڪئي. عورت اها منشيات پنهنجي جوتن ۾ وڏي مهارت سان لڪائي هئي. اسلام آباد کان بحرين سفر ڪندڙ مسافر جي آلن (پُسايل) ڪپڙن ۾ جذب ٿيل 6.712 ڪلوگرام هيروئين به برآمد ڪئي وئي. ٽنهي ڪاررواين ۾ مسافرن کان 455 ڪلوگرام چرس، 1.840 ڪلو گرام آئس ۽ 6.712 ڪلوگرام هيروئن پُسايل ڪپڙن مان برآمد ڪري منشيات کي پرڏيهه اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. ٽنهي جوابدارن کي شروعاتي جاچ کان پوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائيءَ جي لاءِ برآمد ٿيل منشيات سان گڏ اي اين ايف عملدارن حوالي ڪيو ويو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.