اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ۾ ٻين عدالتن کان ججز جي مقرري خلاف اسلام آباد جي ٽنهي بارز طرفان هڙتال جو اعلان، ججز جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ منتقلي وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو، وڪيل برادري جو 26آئيني ترميم خلاف به 10 فيبروري تي اسلام آباد طرف لانگ مارچ جو اعلان، گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پيڪا ايڪٽ ذريعي ميڊيا کي فتح ڪيو ويو آهي، هاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.