اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جي شرط تي سنڌ ۾ به زرعي ٽيڪس مڙهڻ جي تياري، پارٽي قيادت جي هدايت تي وڏي وزير اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو، اڄ سڏايل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ زرعي ٽيڪس بابت قانوني مسودي جي منظوري جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي جي اسيمبلي ميمبرن اڳواڻن آڏو پنهنجن خدشن ۽ راءِ جو اظهار به ڪيو.