تازہ ترین

March 10, 2025

Year : 2025

گمبٽ ڀرسان ڳوٺ لولائي ٿيٻا واسي فوجي جوان ڪوهاٽ ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهيد

گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ لولائي ٿيٻا واسي فوجي جوان ڪوهاٽ ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. نوجوان جي شهاديت واري اطلاع ملڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، شڪيل احمد ٿيٻو جو مڙهه سڀاڻي اباڻي ڳوٺ آندو ويندو. دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿيندڙ شڪيل احمد ٿيٻو کي سڀاڻي فوجي اعزاز سان مٽيءَ […]

شھدادڪوٽ ڀرسان گم ٿيل ٻارڙي جو گٽر مان لاش هٿ

شھدادڪوٽ (ويب ڊيسڪ) شھدادڪوٽ ڀرسان گم ٿيل ٻارڙي جو گٽر مان لاش هٿ. ڳوٺ فضل محمد بروھي ۾ 5 ورهين جو انس بروهي گذريل رات گم ٿي ويو هو. وارثن پاران ڳولا بعد ٻارڙي جو پاڙي ۾ گٽر مان لاش مليو، اطلاع ملڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

سيٺارجا ڀرسان مارواڙي برادري جي چئن گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

سيٺارجا (ويب ڊيسڪ) سيٺارجا ڀرسان مارواڙي برادري جي چئن گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. گهرن کي اوچتي باهه لڳڻ سبب هڪ مينهن ۽ 3 ٻڪريون به سڙي مري ويون، متاثر ڪٽنب کليل آسمان هيٺ ويٺل.

نيوزيلينڊ کي شڪست، ڀارت ٽيون ڀيرو چيمپئنز ٽرافي جو فاتح بڻجي ويو

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2025 جي فائنل ۾ نيوزلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو چيمپئنز ٽرافي کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. دبئي ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ نيوزيلنڊ ڪپتان مچل سينٽنر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ نيوزيلينڊ جي سموري ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ […]

حڪومتي معاشي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس تي ڳالهيون شروع

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حڪومتي معاشي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس تي ڳالهيون شروع. ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏجاڻي ۾ صوبائي اختيارين، ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر عملدارن شرڪت ڪئي. آءِ ايم ايف وفد سان ساورن ويلٿ فنڊز ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ريگوليشنز تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.