تازہ ترین

Editor Dharti

پاڪستان پاران ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت، عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي: پاڪستان

اسرائيلي حملو ايران جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي، ان قدم عالمي قانون جي بنياد کي لوڏي ڇڏيو آهي: اسحاق ڊار اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان پاران ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪري ڇڏي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملو ايران جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙي قدم عالمي […]

سنڌ ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ 345 ڏهائي 87 ارب رپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

وڏي وزير جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس، چيف سيڪريٽري، صوبائي وزير، صلاحڪار ۽ لاڳاپيل آفيسر شريڪ ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ 345 ڏهائي 87 ارب رپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، چيف سيڪريٽري، صوبائي […]

يارو لنڊ ويجهو ڳوٺ محمد صادق ملڪ ۾ ڪهاڙين جار وار ڪري نوجوان قتل

جوابدار ڪهاڙين جا وار ڪري نوجوان صداقت عرف پٺاڻو ملڪ کي زخمي ڪيو يارو لنڊ (ويب ڊيسڪ) يارو لنڊ ويجهو ڳوٺ محمد صادق ملڪ ۾ ڪهاڙين جار وار ڪري نوجوان قتل. جوابدار ڪهاڙين جا وار ڪري نوجوان صداقت عرف پٺاڻو ملڪ کي زخمي ڪيو، علائقي واسي نوجوان کي اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته هن […]

ڄامشوري ڀرسان ڳوٺ چاڪر خان راڄڙ ۾ روڊ تان نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ

اطلاع کان پوءِ پوليس پهچي موجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشوري ڀرسان ڳوٺ چاڪر خان راڄڙ ۾ روڊ تان نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ آيو. واٽهڙن جي اطلاع کان پوءِ پوليس پهچي موجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي […]

اسرائيلي فوج 5 مرحلن ۾ ايران جي 8 هنڌن تي حملا ڪيا

اسرائيل گاديءَ واري هنڌ تهران ۽ ڀرپاسي وارن فوجي اڏن کي نشانو بڻايو تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيلي فوج 5 مرحلن ۾ ايران جي 8 هنڌن تي حملا ڪيا، گاديءَ واري هنڌ تهران ۽ ڀرپاسي وارن فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو. عرب ميڊيا ميڊيا جي دعويٰ ، عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل تهران […]

ايران پاران جوابي ڪارروائي جي ڌمڪي بعد اسرائيلي وزيراعظم اڻڄاتل هنڌ روانو

نيتن ياهو جو سرڪاري جهاز ونگ آف زائي، بن گورين ايئرپورٽ تان اڏامي ڀري تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران پاران فضائي حملن جي جواب ۾ ڪارروائي جي ڌمڪي بعد اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اڻڄاتل هنڌ روانو. اسرائيلي ميڊيا موجب نيتن ياهو جو سرڪاري جهاز ونگ آف زائي، بن گورين ايئرپورٽ تان اڏامي ڀري. جهاز جي منزل […]

اسرائيل سخت سزا جو انتظار ڪري: آيت الله علي خامنه اِي

الله گهريو ته ايران جي مضبوط هٿياربند فوج اسرائيل کي سزا ڏيندي: ايراني سپريم ليڊر تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اِي خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل سخت سزا جو انتظار ڪري. اسرائيل جا هٿ بيگناهن جي رت سان رنڱيل آهن، جيڪڏهن الله گهريو ته ايران جي مضبوط هٿياربند فوج اسرائيل […]

آمريڪا جو اسرائيلي حملي ۾ ڪو به ڪردار ناهي: آمريڪا جي وضاحت

ايران کي آمريڪي فوجي اڏي تي حملو نه ڪرڻ گھرجي: آمريڪي پرڏيهي وزير واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا واضح ڪيو آهي ته آمريڪا جو اسرائيلي حملي ۾ ڪو به ڪردار ناهي. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وضاحت ڪندي چيو ته ايران کي آمريڪي فوجي اڏي تي حملو نه ڪرڻ گھرجي. اسرائيل اڳواٽ اطلاع ڏنو هو ته […]

سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس اڄ منجھند 3 وڳي شروع ٿيندو

وڏو وزير مراد علي شاھه نئين مالي سال جي 3 ھزار 3 سئو ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش ڪندو ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس اڄ منجھند 3 وڳي شروع ٿيندو. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھه نئين مالي سال جي 3 ھزار 3 سئو ارب رپين کان وڌيڪ جي […]

ٺل مان اغوا ٿيل مغوي کي پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ھفتو اڳ اغوا ٿيل طاھر سومرو کي وشو بنگلاڻي جي اڏن تي چڙھائي ڪري بازياب ڪرايو: پوليس ٺل (ويب ڊيسڪ) ٺل مان اغوا ٿيل مغوي کي پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ. بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آھي ته ھفتو اڳ اغوا ٿيل طاھر سومرو کي وشو بنگلاڻي جي اڏن تي چڙھائي ڪري […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.