تازہ ترین

Editor Dharti

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران 2 ڏينهن اندر 8 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 7 ڄڻا زخمي

لياري موسيٰ لين ۾ عمارت جي ڇت ڪرڻ سبب پيءُ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويا، عورت ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿيا ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران ٻن ڏينهن اندر مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب لياري […]

بلوچستان جي زوب ۾ 2 گاڏيون لڙهي ويون، ٽن نارين سميت عورت فوت

ريسڪيو عملدارن هڪ عورت جي حياتي بچائي ورتي، سوات ۾ ٻڏي ويلن جي ڳولا جاري زوب (نيشنل ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ برساتن کان پوءِ ٻوڏ واري صورتحال آهي جنهن دوران 2 گاڏيون لڙهي ويون، ٽن نارين سميت هڪ عورت فوت ٿي وئي. ريسڪيو عملدارن هڪ عورت جي حياتي بچائي ورتي، سوات درياهه ۾ […]

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ترڪ هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو

رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ علائقائي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ترڪ هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو، ٻطرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ. رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ علائقائي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو […]

آمريڪا اصفهان ۾ ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملي دوران بَنڪر بسٽر بم استعمال نه ڪيا: آمريڪي ميڊيا

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين جي آمريڪي سينيٽرز کي ايران جي ايٽمي اڏن تي حملي بابت بريفنگ واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا اصفهان ۾ ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملي دوران بَنڪر بسٽر بم استعمال نه ڪيا. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين آمريڪي سينيٽرز […]

وزيراعظم پاران بجليءَ جي بل مان پي ٽي وي فيس ختم ڪرڻ جو اعلان

بجلي جي 5 سئو ارب رپين جي سالياني چوري وڏو چئلينج آهي: تقريب کي خطاب اسلام آباد  (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم بجليءَ جي بل مان پي ٽي وي جي فيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي جي 5 سئو ارب رپين جي سالياني چوري وڏو چئلينج آهي، توانائي جي شعبي […]

اسان ڪيڏانهن پيا وڃو، اسان جي رياست ڪڏهن جاڳندي؟ شوبز شخصيتون

ڪرڪيٽ گرائونڊ سڪائڻا هجن ته هيلي ڪاپٽرز هوندا آهن، هنن 18 جيئرن انسانن جي لاءِ ڪو هيلي ڪاپٽر ڇونه آيو؟ ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز شخصيتن سوات درياهه ۾ مدد جي منتظر ۽ بيوسيءَ جي تصوير بڻجندڙ هڪ ئي خاندان جي 18 ماڻهن جي ٻوڏ ۾ لڙهي وڃڻ واري خوفناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار […]

دنيا جو سڀ کان مٿانهون ڊومينو ٽاور ٺاهڻ جو عالمي رڪارڊ

يوٽيوبر هيوش 5 دنيا جو سڀ کان مٿانهون ڊومينو ٽاور ٺاهي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو واشنگٽن ڊي سي (انٽريسٽنگ ڊيسڪ) يوٽيوبر هيوش 5 دنيا جو سڀ کان مٿانهون ڊومينو ٽاور ٺاهي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. مشهور يوٽيوبر ۽ ڊومينو آرٽسٽ ليلي هيوش عرف هيوش5 پنهنجي مهارت سان هڪ ٻيو شاندار مظاهرو ڪندي دنيا جو […]

اسرائيل ۾ وزيراعظم نيتن ياهو خلاف وڏو احتجاجي مظاهرو

هزارين مظاهرين غزه جي يرغمالن جي آزاديءَ ۾ ناڪاميءَ تي حڪومت تي تنقيد تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل ۾ وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت خلاف وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. تل ابيب ۾ هزارين مظاهرين غزه ۾ يرغمالن جي آزاديءَ ۾ ناڪاميءَ تي وقت جي حڪومتي تي ڇتي تنقيد ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين وزيراعظم […]

غزا ۾ اسرائيلي فوج جو ڪَڙو، 66 ٻارڙا غذائي کوٽ سبب موت جو کاڄ بڻجي ويا

اسرائيلي فوج پاران ٻارڙن جي کير، غذائي سپليمينٽس ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جي فلسطيني علائقن ۾ داخلا  تي پابندي لڳل نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن جي اداري يونيسيف غزه ۾ 66 ٻارڙن جي غذائي کوٽ جي ڪري موتن کي ڳڻتيءَ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا موجب غزه حڪومت جي ميڊيا آفيس موجب […]

ملڪ جي مختلف حصن ۾ امڪاني ٻوڏ جو الرٽ جاري

سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) برساتن جي ڪري ملڪ جي مختلف حصن ۾ امڪاني ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 2 ڏينهن کان وقفي وقفي سان جاري […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.