تازہ ترین

Editor Dharti

سنڌ اسيمبلي مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور

نثار کهڙي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، ايم ڪيو ايم ميمبرن جي مخالفت ۽ گوڙ ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، ايم ڪيو ايم ميمبرن جي مخالفت ۽ گوڙ. ٺهراءُ […]

شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري طرفان سکر واسين لاءِ تحفو

سکر جي گڏاڻي ڦاٽڪ تي شھيد بينظير ڀٽو فلائي اوور جي پيڙھه جو پٿر اڄ رکيو ويندو ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري طرفان سکر واسين لاءِ تحفو. بلاول ڀٽو زرداري پاران سنڌ سکر جي گڏاڻي ڦاٽڪ تي شھيد بينظير ڀٽو فلائي اوور جي پيڙھه جو […]

نوابشاهه ۾ هيپاٽائيٽس جا 80 سيڪڙو مريض هجڻ بابت ڳالهه غلط آهي: عذرا فضل پيچوهو

نوابشاهه ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي شرح 3 سيڪڙو آهي: سنڌ اسيمبليءَ کي خطاب ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته نوابشاهه ۾ هيپاٽائيٽس جا 80 سيڪڙو مريض هجڻ بابت ڳالهه غلط آهي. نوابشاهه ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي شرح 3 سيڪڙو آهي، اهو به […]

اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ بي مثال اڳواڻ هئي: علي حسن زرداري

ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سالگرهه تي ڀيٽا پيش ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو 72هين سالگرهه تي کيس ڀيٽا پيش. پنهنجي پيغام ۾ صوبائي وزير علي حسن […]

اسرائيل جو ايرن جي شهر اصفهان ويجهو نيوڪليئر سائيٽ تي حملو

اسرائيل اصفهان ۾ نيوڪليئر سائيٽ کي نشانو بڻايو، ڪو به خطرناڪ مواد خارج نه پيو ٿئي تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل جو ايرن جي شهر اصفهان ويجهو نيوڪليئر سائيٽ تي حملو، ايراني ميڊيا تصديق ڪري ڇڏي. ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل اصفهان ۾ نيوڪليئر سائيٽ کي نشانو بڻايو، ڪو به خطرناڪ مواد خارج […]

فرانسيسي صدر پاران يورپ سان ڳالهين دوران ايران تي شرط لاڳو ڪرڻ جو اشارو

يورپ ۽ ايران جي ڳالهين بعد يورينيم افزودگي ۽ ميزائل پروگرام روڪڻ جا شرط لاڳو هوندا: فرانسيسي صدر فرانس (انٽرنيشنل ڊيسڪ) فرانسيسي صدر يورپ سان ڳالهين دوران ايران تي شرط لاڳو ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. فرانسيسي صدر ميڪرون جو چوڻ آهي ته يورپ ۽ ايران جي ڳالهين کان پوءِ يورينيم افزودگي ۽ ميزائل پروگرام […]

اسرائيل جي جاسوسي جي الزام ۾ گرفتار ماڻهن جو انگ وڌي 22 ٿي ويو

اسرائيل سان لاڳاپن جي الزام هيٺ 12 جون کان هن وقت تائين 22 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو: ايران تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل جي جاسوسي جي الزام ۾ گرفتار ماڻهن جو انگ وڌي 22 ٿي ويو. ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته اسرائيل سان لاڳاپن جي الزام هيٺ 12 جون کان هن وقت تائين 22 […]

رتوديرو جي ڳوٺ بدو جتوئي ۾شادي تي آيل نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

عرفانه ڌيءُ سڪندر جتوئي کي سندس سئوٽ گولين جو کاڄ بڻائي جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو رتوديرو (ويب ڊيسڪ) رتيديري ويجهو ڳوٺ بدو جتوئي ۾شادي ڪاڄ جي دعوت تي آيل نوجوان ناري گوليون هڻي قتل. عرفانه ڌيءُ سڪندر جتوئي کي سندس سئوٽ گولين جو کاڄ بڻائي جوابدار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي […]

فقيرآباد ڀرسان پيرسن شخص جو لاش هٿ

ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو فقيرآباد (ويب ڊيسڪ) فقيرآباد ڀرسان پيرسن شخص جو لاش هٿ آيو، ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو. ڳوٺاڻن پاران اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، فوتي پيرسن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

سنڌ جي شهيد راڻي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي اڄ 72 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ قرآن خواني، اجتماعي دعائون، مزار تي پ پ ڪارڪن ۽ اڳواڻن جي حاضري ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمهوريت جي بحالي لاءِ جاکوڙ ڪندي شهادت جو رتبو ماڻيندڙ، آمريت سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم جو اعزاز ماڻيندڙ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو  جي 72 هين سالگرهه ملهائي […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.